مُک صفحو
![]() ![]() چونڊ مضمون![]() ريٻاڙي ماڻهو (جن کي ريٻاري، رائڪا، ديسائي ۽ ديواسي ماڻهو پڻ سڏيو ويندو آهي، جيڪي راجستان ، گجرات جي ڪڇ علائقي، مهاراشٽر ، هريانا ، هندستان جي پنجاب ۽ پاڪستان جي سنڌ صوبي مان هڪ ذات ٽولو آهن. اهي روايتي طور تي اُٺ چاريندڙ هئا پر هاڻي انھن رڍون ۽ ڍور پالڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ريٻاڙي اُٺن تي چڙھي تير، تلوار، بڙڇيون ۽ ڀالا ھلائي جنگ ڪرڻ ۾ ماھر ھُئا. |
![]() ![]() خبرن ۾
![]() ![]() ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟![]() دھلي ۾ ھڪ پروگرام دوران ھو جمالو تي رقص ڪندي
![]() ![]() اڄ جو قول![]() ![]() اڄ جو لفظ
![]() ![]() ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 19,098 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو. | |
![]() ![]() بھترين مضمون![]() ڇيڄ جو ناچ دريا پنٿي هندو سانوڻيءَ جي موسم ۾ دريا شاهه تي ناريل جي ڀيٽا چاڙهيندا هئا، ان لاءِ بحراڻو ڪڍندا هئا. هڪ نواڙ جي منجي جنڊيءَ لٿل، ان ۾ وڏو ٽامي جو ٿالهه رکي، اٽي مان ٺهيل ڏيئا سچي گيهه ۾ ٻاري ٿالهه ۾ رکندا هئا. ان سان گڏ مصري پتاشا ۽ مٺايون وغيره رکي اگربتيون ٻاريندا هئا. ان سڄي ٽڪساٽ کي بحراڻو ڪوٺيندا هئا. پوءِ دهلاري بحراڻو وڄت، جيڪا تکي ڪلواڙي سان ملندڙ هئي ۽ ٻيا ساز وڄائيندا هئا ۽ دريا پنٿي گهنگهرن سان جنڊي چڙهيل ڏونڪا هٿن ۾ کڻي پِڙُ ڪري ڇيڄ هڻڻ شروع ڪندا هئا ۽ ڪي جهانجهه وڄائيندا هئا. ناچو، ڏانڊيا ڏانڊين تي هڻي ناچ وجهندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ دهلاري ٽڪي وٺڻ تي ناچ بند ڪري چوندا هئا: لال جا جهاٽي، چئو جهولي لعل ٻيا بيٺل چوندا هئا جهولي لعل! | ||
![]() ![]() اڄ جو ڏينھن | ||
![]() ![]() وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 19,098 مضمون موجود آهن.
|
|
![]() |
مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو. |





(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)