مواد ڏانھن هلو

عيدالاضحيٰ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏسو the Eid after Ramadan لاءِ، Eid al-Fitr.
عيد الاضحي

سال 1730ع جو هڪ خطاطي جو نمونو جن تي عربي ۾ عيد الاضحي جي تبريڪ لکل آهي.
سرڪاري نالو عيد الاضحيٰ (عربي)
عرفيت قرباني جي عيد، وڏي عيد
ملهائڻ وارا سڄي دنيا جا مسلمان

 افغانستان
 البانيا
 الجزائر
 بحرين
 بنگلا ديش
 بینن
 بوسينيا ۽ هرزيگووينا
 برونائي
 برڪينا فاسو
 برونڊي
 ڪيمرون
سينٽرل آفريڪن ريپبلڪ
 چاڊ
 ڪوموروس
 جبوتي
 اوڀر تيمور
 مصر
 اريٽيريا
 ايٿوپيا
 گيبون
 گيمبيا
 گهانا
 گائينا
 گائينا بسيو
 گيانا
 ڀارت
 انڊونيشيا
 ايران
 عراق
 آئيوري ڪوسٽ
 اردن
 قازقستان
 ڪينيا
 ڪوسوو
 ڪويت
 ڪرغزستان
 لبنان
 لبيا
 مڊگاسڪر
 ملائيشيا
 مالديپ
 موريتانيا
 مراڪش
 برما
 نيپال
 نائيجر
 نائجيريا
شمالي ڪپرس
 عمان
 پاڪستان
 فلسطين جي رياست
 فلپائن
 قطر
 روانڊا
 سعودي عرب
 سينيگال
 سيرا ليون
 سنگاپور
 صوماليا
صومالي لينڊ
 ڏکڻ سوڊان
 اسپين
 سري لنڪا
 سوڊان
سورينام
 شام
 تاجڪستان
 تنزانيا
 ٽوگو
 تيونس
 ترڪي
 ترڪمانستان
 يوگينڊا
 گڏيل عرب امارات
 ازبڪستان
مغربي صحارا

 يمن
قسم اسلامي تهوار
اهميت الله جي حڪم جي تعميل ۾ ابراهيم عليه السلام جي پنهنجي پٽ جي قرباني ڏيڻ جي رضامندي جي ياد ۾


End of the annual Hajj
تقريبون عيد الاضحيٰ جي ٽي ڏينهن ۾ مسلمان ڪند آهن ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏيندا آهن.
رسمون نماز عيد، قرباني
شروعات 10 ذوالحج
ختم 13 ذوالحج
تاريخ 9 ذوالحج
2024 تاريخ 16 - 20 جون، 2024ع
2025 تاريخ 6 - 10 جون، 2025ع
دورانيو 3 days
تقرر هر هجري سال
باني ابراھيم عليه السلام
لاڳاپيل حج؛ عيد الفطر

عيد الاضحيٰ يا قرباڻي واري عيد، مسلمانن جو تهوار آهي، جيڪو قرباني لاء مقرر ڪيو ويو آھي. مسلمان ٻن طرح جون عيدون ملھائيندا آھن. ھڪ کي عيد الفطر ۽ ٻي کي عيد الاضحيٰ چيو ويندو آھي. عيد الاضحيٰ ذوالحج جي ڏھ تاريخ تي ملھائي ويندي آھي. ھڪ ڏينھن اڳ 9 ذوالحج جنهن کي "يوم عرفه" سڏيو وڃي ٿو، حاجي عرفات جي ميدان ۾ به پهچندا آهن، جيڪو حج جو لازم رڪن آھي. انس بن مالڪ فرمائن ٿا تہ، "جھالت جي دور ۾ ماڻھن سال ۾ ٻہ ڏينھن راند روند جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا ھئا. رسول الله (صلي الله عليه وآلهٖ وسلم) جڏھن مديني منور تشريف آندي تہ ارشاد فرمايو، "ماڻھن جي راند روند جي لاءِ ٻہ ڏينھن مقرر ھيا، الله تعاليٰ انھن کي انھن کان بھتر ڏينھن، يعني عيدالفطر ۽ عيد الاضحيٰ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي". [1]

عيد نماز جو ھڪ منظر

مسلمانن جي لاءِ دنيا ۾ ٽي عيدون آھن. عبد الله ابن عباس کان روايت آھي تہ رسول الله (صلي الله عليه وآله وسلم) ارشاد فرمايا تہ؛

"جمعه المبارڪ به عيد جو ڏينھن آھي جو الله تعاليٰ مسلمانون کي عطا ڪيو، سو! جيڪو جمعي جي نماز جو ارادو ڪري، تہ غسل ڪري ۽ جيڪڏھن خوشبو ميسر ھجي تہ لڳائي ۽ توھان تي پر مسواڪ (بہ) لازم آھي". [2]

ذوالحج جي 9 تاريخ کي يوم عرفه يا عرفه جو ڏينهن سڏيندا آهن ۽ 10 ذوالحج کي يوم النحر يا قرباني جو ڏينهن سڏبو آهي ۽ 10، 11, 12 ۽ 13 ذوالحج کي ايام تشريق سڏيندا آهن.[3]

عيد الاضحيٰ اسلام ۾ ٻن مکيه تہوارن مان ٻيو عيد الفطر سان گڏ آهي. اها هجري ڪئلينڊر جي آخري مهيني يعني 12هين مهيني، ذوالحج جي 10 تاريخ تي پوي ٿي.[4] قرباني ۽ تڪبير (الله جي وڏائي بيان ڪرڻ) کي عام طور تي ايندڙ ٽن ڏينهن تائين اڳتي وڌايو ويندو آهي، جن کي تشريق جا ڏينهن چيو ويندو آهي.

عيد الاضحيٰ کي ڪڏهن ڪڏهن "وڏي عيد" به چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي ملهائڻ کي 3 ڏينهن وڌيڪ وڌايو ويندو آهي.[5] عيد الفطر وانگر، عيد جي نماز عيد الاضحيٰ جي صبح ادا ڪئي ويندي آهي، جنهن کان پوءِ ٻڪري، رڍ، ڳئون يا اٺ جي قرباني ادا ڪئي ويندي آهي. اسلامي روايت ۾، اهو ابراهيم جي پنهنجي پٽ، اسماعيل (عليه السلام) کي قربان ڪرڻ جي رضامندي کي خدا جي حڪم جي اطاعت جي عمل طور تي عزت ڏئي ٿو.[6] حاجي عام طور تي عيد الاضحيٰ تي حج جو مناسڪ، يعني بيت الله جو طواف ۽ صفا ۽ مروه جي ٽڪرين جي درميان سعي ڪندا آهن، ان سان گڏ عيد جي ڏينهن ۽ ايندڙ ٻن ڏينهن جمرات (پٿر جيڪا ان جاء تي رکيل آهن جتي شيطان نافرني وسوسو وجهڻ جي ڪوشش ڪيو) تي رمي (ڪنڪريون مارڻ جو عمل) ادا ڪندا آهن.

عيدالاضحي جون سنتون

[سنواريو]

عيد الضحي ج جي ڏينهن عيدگاھ وڃڻ کان پھريون ڪجهه نہ کائڻ سنت آھي. عيدگاھ وڃڻ وقت بلند آواز ۾ تڪبيرون پڙھڻ سنت آھي.

عيد الاضحيٰ جو ڏينهن

[سنواريو]

ٻي عيدالاضحي آھي جيڪا ڏھ ذي الحج جي ڏينھن ۾ آتي آھي ۽ ھي ٻنھي عيدن ۾ وڏي ۽ افضل عيد آھي ۽ حج جي مڪمل ٿيڻ کان بعد اچي ٿي جڏھن مسلمان حج مڪمل ڪري وٺن ٿا تو الله تعالٰي انھن کي معاف ڪرديتا آھي۔

ان لاءِ حج جي تڪميل يوم عرفہ ۾ وقوف عرفہ تي ٿيندي آھي جيڪو حج جو ھڪ عظيم رڪن آھي جيئن تہ نبي صلي الله عليه وسلم ڪا فرمان آھي: يوم عرفہ باھ کان آزادي جو ڏينھن آھي جنھن ۾ الله تعالٰي ھر شخص کي باھ کان آزادي ڏيندو آھي عرفات ۾ وقوف ڪرڻ وارن۽ ٻين ملڪن ۾ رھنڻ وارن مسلمانون کي بہ آزادي ملندي آھي ۔

1. - ھي ڏينھن الله تعالٰي وٽ سڀ کان بھترين ڏينھن آھي : حافظ ابن قيم رحمه الله تعالٰي زاد المعاد ( 1 / 54 ) ۾ چون ٿا : [الله تعالٰي وٽ سڀ کان افضل ۽ بھتر ڏينھن يوم النحر ( عيدالاضحي ) جو ڏينھن آھي ۽ اھو حج اڪبر وارو ڏينھن آھي] ( نبي صلي الله عليه وسلم جو فرمان آھي : يقينن يوم النحر الله تعالٰي وٽ بھترين ڏينھن آھي ) [7]

2. – ھي حج اڪبر وارو ڏينھن آھي :
ابن عمر رضي الله تعالٰي عنھما بيان ڪن ٿا تہ نبي صلي الله عليه وسلم اس حج جي دوران جيڪو انھن ڪيو ھو يوم النحر( عيد الاضحي ) والري ڏينھن جمرات جي وچ ۾ بيھي ڪري فرمائڻ لڳا تہ حج اڪبر وارو ڏينھن آھي ۔ [8]

نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم فرمايو : يوم عرفہ ۽ يوم النحر ۽ ايام تشريق اسان اھل اسلام جي عيد جا ڏينھن آھن ۽ ھي سڀ کائڻ پيئڻ جا ڏينھن آھنن ۔ [9]

عيد نماز

[سنواريو]

عيد جي نماز ۾ ٻہ رڪعتون واجب شامل آهن ۽ ان جي صحيح ۽ واجب ھجڻ لاء ساڳيا شرط آھن جيڪي جمعي جي نماز جا آھن پر عيد جي نماز ۾ خطبو شرط ناھي جيڪو جمعي جي نماز ۾ لازمي شرط ھوندو آھي[3]. عيد نماز ۾ خطبو سنت آھي. عيد جي نماز جو وقت سج نڪرڻ سان پيلاڻ جي ختم ٿيڻ بعد شروع ٿئي ٿو ۽ سج جي زوال تائين جاري رھي ٿو پر مستحب آھي تہ عيد نماز ۾ دير نہ ڪئي وڃي. اھا نماز اڪيلي سر نہ ٿي پڙھي سگھجي[3]. ان جي قضا ڪانہ ٿيندي آهي. ھن نماز ۾ اذان ۽ اقامت نہ ٿيندي آهي. اھل حديث وارن لاء عيد نماز ۾ عورتن جي ۽ ٻارن جي شرڪت سنت آھي[3]. عيد جو خطبو سنت آھي پر ان جو ٻڌڻ واجب آهي.خطبو نماز بعد پڙھڻ سنت آھي[3]. ٻہ خطبا پڙھڻ ۽ ٻنھي جي وچ ۾ جمعي جي نماز جي خطبي واري وقفي جيترو ويھڻ سنت آھي[3].

پڻ ڏسو

[سنواريو]

باب:اسلام

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]


حوالا

[سنواريو]
  1. سنن نسائي:جلد اول:حديث نمبر 1561
  2. سنن ابن ماجہ:جلد اول:حديث نمبر 1098
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 277 کان 282
  4. "Eid al-Adha | Meaning, Observances, & Traditions". Encyclopedia Britannica. 
  5. Haigh, Phil. "What is the story of Eid al-Adha and why is it referred to as Big Eid?". Metro. وقت 2020-09-23 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 April 2021. Simply, Eid al-Adha is considered the holier of the two religious holidays and so it is referred to as 'Big Eid' while Eid al Fitr can be known as 'Lesser Eid'. Eid al-Kabir means 'Greater Eid' and is used in Yemen, Syria, and North Africa, while other translations of 'Large Eid' are used in Pashto, Kashmiri, Urdu and Hindi. This distinction is also known in the Arab world, but by calling 'Bari Eid' bari, this Eid is already disadvantaged. It is the 'other Eid'. 'Bari Eid', or Eid-ul-Azha, has the advantage of having two major rituals, as both have the prayer, but it alone has a sacrifice. 'Bari Eid' brings all Muslims together in celebrating Hajj, which is a reminder of the Abrahamic sacrifice, while 'Choti Eid' commemorates solely the end of the fasting of Ramazan. 
  6. Firestone, Reuven (January 1990). Journeys in Holy Lands: The Evolution of the Abraham-Ishmael Legends in Islamic Exegesis. SUNY Press. ISBN 978-0-7914-0331-0. https://books.google.com/books?id=O69zjVnjL10C&dq=Others+refer+to+either+Isaac+or+Ishmael+with+the+honorific+title+(+laqab+)+%22+Sacrifice+of+God+%22+attached+to+the+name.&pg=PA140. 
  7. سنن ابوداؤد حديث نمبر 1765
  8. صحيح بخاري حديث نمبر 1742
  9. سنن ترمذي حديث نمبر 773